ڪيليفورنيا  (م ڊ) ٽيسلا ڪمپني ۽ ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ چيو آهي ته ميٽا جي سي اي او مارڪ زڪربرگ سان ”فائٽ“ ايڪس تي سڌيءَ ريت ڏيکاري ويندي. عالمي ميڊيا رپورٽن موجب ايلون مسڪ پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته مارڪ زڪر برگ سان ٿيندڙ ”ڪيج فائٽ“ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي لائيو ڏيکاري ويندي. مسڪ ريسلنگ ميچ بابت وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ميچ مان حاصل ٿيندڙ سموري رقم اڳوڻن فوجين جي لاءِ خيراتي ڪم تي خرچ ڪئي ويندي. ان کان اڳ مسڪ چيو هو ته هو ويڙهه جي تياري ۾ مصروف آهي ۽ سڄو ڏينهن ويٽ لفٽنگ ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جا مالڪ جون کان وٺي لاس ويگاس ۾ مڪسڊ مارشل آرٽس ڪيج ميچ تي هڪ ٻئي کي دعوت ڏئي رهيا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here