اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرين (پي ٽي آءِ پي) سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته ڪافي ڀيرا ڪوشش ڪئي ته پنجاب پوليس کي بهتر ڪيو وڃي پر ڪنهن جو به ارادو نه هو، 9 مئي جو واقعن کانپوءِ عجيب ماحول بڻايو ويو، ويهن ڏينهن تائين لڪندو رهيس. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي اڳوڻي بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ چيو ته اسان کي چونڊون ڪرائڻ جا 4 موقعا مليا، جيڪي ضايع ڪيا ويا، ڇاڪاڻ ته چيئرمين پي ٽي آءِ قبول نه پيو ڪري. مون ڪيترائي ڀيرا چيو ته اسان کي اليڪشن طرف وڃڻ گهرجي ڇو ته سامهون اوندهي  نظر اچي رهي آهي. پرويز خٽڪ چيو ته فيصلا پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ ڪندو هو، 9 مئي تي پي ٽي آءِ جي ماڻهن حملا ڪيا، ان ڊرامي ۾ پي ٽي آءِ جا سينيئر ماڻهو ملوث نه هئا، چيئرمين پي ٽي آءِ ٽيم ٺاهيندو هو پر ان ٽيم وٽ اختيار نه هوندا هئا. هن چيو ته چيئرمين پي ٽي آءِ نه چاهيندو هو ته مون کان سواءِ ٻيو ڪو ليڊر بڻجي، مون کي وڏو وزير نه بڻائڻ جا ٻه سبب هئا، پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪٺ پتلي وڏو وزير پيو گهرجي جيڪو مان نه هيس. پرويز خٽڪ اهو به چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين اسلام آباد مان ملڪ هلائڻ چاهي ٿو. اعظم خان سان ڪو به ذاتي اختلاف نه هو، پي ٽي آءِ چيئرمين اعظم خان کي چيو هو ته منهنجي ڳالهه نه ٻڌو، سيفرنس واري معاملي تي ڪيترائي اجلاس ٿيا. هن چيو ته پي ٽي آءِ وٽ معيشت جي بهتري جو ڪو پروگرام نه هو، پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي ئي حڪومت ختم ڪري ڇڏي، پارٽي جا ايم اين اي ناراض هئا، هو پنهنجي اتحادي سان به صلاح مشور نه ڪندو هو. پرويز خٽڪ وڌيڪ چيو ته شهزاد اڪبر ڪابينا کي ٻڌايو ته مني لانڊرنگ جو پئسو پڪڙيو آهي ۽ پاڪستان حڪومت ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، سچ چوڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڪاوڙ لڳندي هئي…

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here