ڪنڊيارو (رپورٽر) ڪنڊياري جي وارڊ نمبر ٽي جي رهواسين سيپڪو عملي خلاف احتجاج ڪيو آهي. ريلوي اسٽيشن جي رهواسين صدر الدين سومرو، اختر شاهه، حاجي عبدالرئوف، محڪوم سومرو، ذوالفقار اعواڻ ۽ ٻين احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته اڳوڻو ايس ڊي او ۽ ٻيا رشوت عيوض سٽي ون فيڊر جا بوگس ميٽر سٽي ٽو ايڪسپريس فيڊر جي ٽرانسفارمرن تي لڳرائي بجلي چوري ڪرائي رهيا آهن. هنن چيو ته لوڊ سبب ٽرانسفارمر روز سڙن پيا، جنهن ڪري اداري کي به مالي نقصان ٿي رهيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته بجلي يونٽ چوري ٿيڻ سبب لوڊشيڊنگ به وڌي وئي آهي جڏهن ته هر مهيني هزارين رپين جا اضافي بل موڪليا پيا وڃن. مظاهرو ڪندڙ سيپڪو چيف، ايگزيڪيوٽو انجنيئر سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي مسئلو حل ڪيو وڃي.