اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم لاءِ پنجاب جي اڳوڻي گورنر مخدوم احمد محمود جي نالي تي به غور ڪيو پيو وڃي. مخدوم احمد مخدوم ڊسمبر 2012ع کان جون 2013ع تائين پنجاب جو گورنر رهيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيراعظم لاءِ مخدوم احمد محمود، شاهد خاقان عباسي ۽ عبدالحفيظ شيخ جي نالن تي به مشاورت جاري آهي. ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي تاريخ 9 آگسٽ ڏئي ڇڏي آهي. واضح رهي ته موجوده قومي اسيمبلي جو مدو 12 آگسٽ تي رات 12 وڳي ختم ٿي رهيو آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here