نارووال (م ڊ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته نوجوان تعليم جي ميدان ۾محنت ڪري پنهنجو نالو روشن ڪري رهيا آهن هاڻي اسان جو مستقبل نوجوانن جي هٿن ۾ هوندو کين فيس بوڪ، ايمازون مان نڪري ڪڪڙ ۽ آنن جي پٺيان لڳايو ويو اهڙن خيالن جو اظهار هن پرامنسٽر يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم تحت يونيورسٽي آف نارووال، يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊٽيڪنالوجي سب ڪئمپس نارووال ۽ يونيورسٽي آف وٽنري اينڊ اينيمل سائنسز سب ڪئمپس نارووال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو وزيراعظم شهبازشريف جي نمائندگي ڪندي احسن اقبال ٽن يونيورسٽين جي ڪل 25 شاگردن ۾ پرامنسٽر يوٿ ليپ ٽاپ پروگرام 2023 تحت ليپ ٽاپ ورهايا هن چيو ته اڄ ميرٽجي بنياد تي جن ٻارڙن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويا آهن بي شڪ هي ٻارڙا مبارڪ جا مستحق آهن هي ليپ ٽاپ اوهان کي صرف ۽ صرف ميرٽجي بنياد تي ڏنا ويا آهن جڏهن ته هتان ڪافي ماڻهو ميرٽ جو راڳ آلاپيندا رهيا پر جڏهن ميرٽ جي ڳالهه آئي ته سندس چونڊعثمان بزدار هو ميرٽ جو نالو وٺڻ سولو آهي پر ان تي عمل ڪرڻ ڏکيو آهي اڄوڪي تقريب ۾ گهڻا ليپ ٽاپ بارڙين کي مليا آهن مون کي لڳي ٿو ته هاڻي اسان جو مستقبل اسان جيٻارڙين جي هٿن ۾ هوندا ٻارڙن کي خيال ڪرڻ گهرجي ايئن نه ٿئي جو سڀاڻي ڪو اوهان کي پنهنجو پيشو هائوس هسبنڊ لکڻو پوي هي هڪ سٺي ڳالهه آهي ته اسانجي آبادي جي 50 سيڪڙو جيڪو عورتن تي ٻڌل آهي اڄ هي تعليم جي ميدان ۾ پنهنجي محنت سان پنهنجو نالو روشن ڪري رهيا آهن. منهنجو عزم آهي ته هنن يونيورسٽين مان وڏا وڏا ڊاڪتر انجنيئر بيروڪريٽس ۽ آفيسر پيدا ٿيندا اسان پنهنجي ٻارڙن کي گارگند بدران سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي فيلڊ ۾ اڳتي آڻڻ چاهيون ٿا اسان پنهنجن ٻارڙن کي تخريبڪار نه پر ڪامياب ۽ پرامن انسان بنائڻ چاهيون ٿا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here