ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هزاره ايڪسپريس حادثي تي کيس تمام گهڻو افسوس آهي. هن وڌيڪ چيو ته ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق سان ٻھ ڀيرا حادثي بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هن ٻڌايو ته امدادي ريل گاڏيون جن ۾ ٽرين کي ڪليئر ڪرڻ لاءِ مڪمل سامان موجود آهي، ڪوٽڙي ۽ روهڙي کان هليون آهن. هن وڌيڪ چيو ته مان ايم ايس ۽ وائيس چانسلر ٻنهي سان ڳالهايو آهي ۽ انهن چيو آهي ته اسان وٽ مڪمل طبي انتظام آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽرن سندس يقين ڏياريو آهي ته سهولتون ۽ دوائون موجود آهن، جيڪي به آءِ سي يو ۾ مريض آهن انهن جو علاج اسان هتي ڪري سگهون ٿا ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته انهن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويندو. وڏي وزير چيو ته مون زخمين سان ڳالهايو آهي، هنن علاج بابت ڪا به شڪايت ناهي ڪئي. وڏي وزير ڊي سي کي هدايت ڪئي ته حادثي ۾ فوت ٿيل جي لسٽ جاري ڪئي وڃي ته جيئن ٻيا ڏکيائين کان بچي سگهن. ان کان اڳ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سانگهڙ جي علائقي سرھاڙي ويجهو مسافر ريل حادثي جي ترت بعد ڪراچي کان واقعي واري هنڌ پهتو ۽ امدادي سرگرمين جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظير آباد عباس بلوچ کين حادثي ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني. ان کان پھرين وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پيپلز ميڊيڪل اسپتال شهيد بينظير آباد جو دورو ڪيو ۽ اتي ريل حادثي جي زخمين جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي هن چيو ته ٽرين حادثو انتهائي افسوسناڪ آهي، سنڌ حڪومت فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ريسڪيو ۽ امدادي ڪم شروع ڪيو، جڏهن ته زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. وڏي وزير انتظاميا کي هدايتون ڏيندي چيو ته زخمين جي وارثن سان فوري طور رابطو ڪرايو وڃي، جڏهن ته گم ٿيل زخمين جو به پتو لڳايو وڃي. هن چيو ته سانگهڙ سميت ڀرپاسي وارن ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته انتظاميا کي به الرٽ ڪيو ويو آهي. وڏي وزير ڪمشنر شهيد بينظير آباد کي هدايت ڪئي ته ايمرجنسي ڊيسڪ قائم ڪري ۽ مسافرن جو وارثن سان رابطو بحال ڪيو وڃي ۽ حادثي ۾ زخمي ٿيل مسافرن جي وارثن جي مڪمل رهنمائي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ريسڪيو جون ايمبولينسون به ويجهن شهرن مان آڻي استعمال ڪيون وڃن. وڏي وزير آءِ جي پوليس کي به هدايت ڪئي ته ليڊيز پوليس ۽ عورت پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي واقعي واري هنڌ موڪليو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here