لاهور (م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين ۽ صدر عليم خان چيو آهي ته جيستائين عثمان بوزدار ۽ فرح گوگي نٿا پڪڙجن تيستائين ڪرپشن جي سزا نه ملندي. تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي عليم خان چيو ته مان پي ٽي آءِ ۾ رهي جيڪو ڪجهه ڏٺو اهو سڄي دنيا کي ٻڌائي چڪو آهيان، جنهن انسان کي تڪبر جي لعنت پئجي وڃي، ان سان اهو ئي ٿيندو آهي، جيڪو تحريڪ انصاف چيئرمين سان ٿيو. هن ايندڙ ڏينهن ۾ نوان انڪشاف سامهون اچڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ گهڻو ڪجهه سامهون ايندو. جهانگير ترين چيو ته جنهن فورم تي به عليم ۽ ترين کي گهرايو وڃي اتي ويندا ۽ سچ ٻڌائيندا.