اسلام آباد (م ڊ) حڪومت، قومي ٽيم کي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، پاڪستان جو سدائين موقف رهيو آهي ته راند ۽ سياست ڌار آهي، ۽ پاڪ-ڀارت لاڳاپا عالمي راندين جي جي رستي ۾ رنڊڪ نه بڻجڻ گهرجن. ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان کي ڀارت ۾ سيڪيورٽي تي خدشا برقرار آهن، آءِ سي سي ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، اميد آهي ته ڀارت ۾ پاڪستان ٽيم کي ڀرپور سيڪيورٽي حاصل هوندي.