پاڻي ورڇ  معاملي تي ورهين کان وٺي وفاقي سرڪار توڙي انڊس رور اٿارٽي سنڌ سان ٻه اکيائي ڪندي پئي اچي خريف هجي توڙي ربيع جي مند سنڌ م پاڻي کي فارمولي تحت پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي ويتر پنجاب ۾ تڪراري ڪينال کولي سنڌ واسين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو ويندو آهي، سنڌ سرڪار پاڻي تي پنهنجو موقف ته پيش ڪندي آهي پر حق حاصل ڪرڻ لاءِ عملي قدم ناهي کڻندي جنهن جي ڪري مسئلو جيئن جو تيئن رهندو آهي هاڻي وري سنڌ حڪومت آبپاشي کاتي جو نالو تبديل ڪيو ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پاڻي معاملي تي ڪڏهن به ڪو سمجهوتو نه ڪيو آهي، اسان سر عام چئون ٿا ته سنڌو درياءُ تي ڪوبه وڏو ڊيم ٺاهڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته پنجاب پاڻي جي معاملي تي سنڌ سان ناانصافيون ڪيون آهن پر اسان هر فورم تي سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهيا آهيون،وڏي وزير چيو ته بلوچستان مان ايندڙ ٻوڏ جي پاڻي جو فلحال ڪوبه امڪان ناهي آهي ، سنڌ حڪومت جو آبپاشي کاتو بلوچستان سان رابطي ۾ آهي، سندس چوڻ هوته تازين برساتن سبب جوهي ۽ ڪاڇي جا روڊ ٽٽل آهن پر ڪچي ۾ پاڻي ايندو ته روڊ رستا ضرور بند ٿيندا. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي 11 يا 12 آگسٽ تي ٽٽي ويندي، نگران وڏي وزير لاءِ مخالف ڌر طرفان اڃا ڪوبه نالو سامهون نه آيو آهي، آئين موجب اپوزيشن ۽ حڪومت ۾ اتفاق جي صورت ۾ نگران وڏي وزير جو نالو 16 اگسٽ تائين فائنل ٿي ويندو، ٻي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن 20 آگسٽ تائين نگران وزيراعليٰ جو فيصلو ڪندو، هن چيو ته نئين آدمشماري جي اڃا سي سي آءِ مان منظور ئي نه ٿي آهي، انهي صورت ۾ نئين تڪبندين تحت عام چونڊون ڪيئن ٿينديون؟ سي سي آءِ جي اجلاس بابت کيس ڪا اگاهي نه ڏني وئي آهي،  هن چيو ته  ڊجيٽل آدمشماري تي سنڌ حڪومت کي سخت اعتراض ۽ خدشا هئا، نتيجا اچڻ بعد ئي خبر پوندي ته ڪيترا خدشا ختم ڪيا ويا آهن، تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته سنڌو درياهه ۾ سنڌ جو ساهه اٽڪيل آهي، جنرل ايوب خان 1960ع ۾ 3 درياءَ  اسان کان پڇڻ بنا وڪرو ڪري ڇڏيا، هن چيو ته پنجاب ۾ جر جو پاڻي مٺو آهي، انهن  جو دريائي پاڻي  کانسواءِ پنجاب جو گذارو ٿي ويندو پر سنڌ جو گذارو ناممڪن آهي، هن چيو ته جر جي پاڻي کي به 91 ع واري ٺاهه ۾ شامل ڪرائي صوبن  ۾ ورهايو وڃي. پاڻي جي کوٽ هن وقت به سنڌ ۾ آهي، ڏسجي ته وڏي وزير جيڪا واٽر پاليسي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي ته ڇا ان پاليسي تحت وفاق ۽ ارسا کان پنهنجي حصي جو پاڻي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيندو يا وري روايتي رينگٽ جاري رکيو ويندو، سنڌ حڪومت کي روايتن کي ترڪ ڪري صوبي سان پاڻي سميت ٻين معاملن تي ٿيندڙ ناانصافين خلاف آواز اٿاري پنهنجو حق وٺڻو ئي پوندو تڏهن ئي واٽر پاليسي جڙي سگهندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here