لاهور (م ڊ) ريلوي بابت وفاقي وزير خواجه سعد رفيق امڪان ظاهر ڪيو آهي ته هزاره ايڪسپريس کي پيش ايندڙ حادثو ڪا تخريبڪاري به ٿي سگهي ٿي. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي خواجه سعد رفيق چيو ته هزاره ايڪسپريس حادثي ۾ 15 مسافرن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. سعد رفيق چيو ته ٽرين جي رفتار مناسب هئي ۽ ٽرين جڏهن حادثي جو شڪار ٿي ته 45 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهي هئي پر پهريان ريليف ۽ پوءِ جاچ ٿيندي. اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي اهو پاڻ موقعي تي پهچي رهيو آهي. سعد رفيق چيو ته اسان جا 2 کان 3 ڏينهن رهجي ويا آهن. ڊپ هو ته ڪو حادثو نه ٿي وڃي ۽ ٿيو به ائين. هي حادثو به تخريبڪاري به ٿي سگهي ٿي ۽ لائين ۾ مڪينيڪل فالٽ به ٿي سگهي ٿو. تخريبڪاري هئي يا فني خرابي ان جو فيصلو ايف جي آءِ آر ڪندي. ياد رهي ته ڪراچي کان راولپنڊي ڏانهن ويندڙ هزاره ايڪسپريس کي نوابشاهه ۾ سرهاڙي ريلوي اسٽيشن جي ويجهو حادثو پيش آيو جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڄڻا فوت جڏهن ته 40 کان وڌيڪ زخمي ٿيڻ جي رپورٽ آهي.