نوابشاهه (بيورو رپورٽ) سرهاڙي  ۾ هزاره ايڪسپريس جون بوگيون  ٽريڪ تان لهڻ کان پوءِ  فوج ۽ رينجرز جا دستا حادثي واري هنڌ  پهچي ويا آهن، جنهن امدادي سرگرميون شروع ڪري ڏنيون آهن. رپورٽ موجب ان حوالي سان آرمي چيف طرفان امدادي سرگرمين لاءِ پاڪ فوج ۽ رينجرز کي خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن جنهن کان پوءِ فوج ۽ رينجرز جا دستا پهتا. وڌيڪ دستن کي حيدرآباد ۽ سڪرنڊ مان طلب ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب پاڪ فوج ۽ رينجرز کان علاوه آرمي ايوي ايشن جا هيليڪاپٽر به ريسڪيو جي لاءِ روانا ٿي ويا آهن ته جيئن ريسڪيو ذريعي زخمين جي قيمتي کان جانين کي بچائي سگهجي. پاڪ فوج جي ريسڪيو آپريشن جو سلسلو آخري زخمي جي اسپتال منتقلي ۽ حادثي  واري هنڌ ڦاٿل ماڻهن جي بحالي تائين جاري رهندو. پاڪ فوج جي دستن طرفان سرهاڙي ٽرين حادثي جي جڳهه تي تيزي سان ريسڪيو آپريشن جاري آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here