ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ وفاقي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هزارا ايڪسپريس ٽرين حادثي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزير سرهاڙي ريلوي اسٽيشن ويجهو ٽرين حادثي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل اختيارين کي جاچ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پ پ چيئرمين حادثي ۾ فوت ٿي ويل مسافرن جي وارثن سان ڏک جو اظهار به ڪيو. جڏهن ته سنڌ حڪومت کي حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ مسافرن کي فوري طور تي علاج جون سهولتون ڏيڻ جي به هدايت ڪئي. بلاول ڀٽو چيو ته ريسڪيو ٽيمن سان گڏ پارٽي جا ڪارڪن به امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيا آهن. زخمين کي جلد کان جلد علاج جون بهتر سهولتون ڏنيون وينديون. ٻئي طرف وفاقي وزير شيري رحمان به هزارا ايڪسپريس حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته حادثي جو ٻڌي ڏک پهتو آهي. فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون. رب پاڪ پوئينرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي. وفاقي وزير شيري رحمان مطالبو ڪيو ته حادثي جا سبب ڄاڻڻ جي لاءِ انڪوائري ڪئي وڃي.