نوابشاهه (بيورو رپورٽ) شهدادپور ۾ سرهاڙي ريلوي اسٽيشن ويجهو ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ هزاره ايڪسپريس ٽرين جون 8 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون جنهن سبب 25 مسافر فوت جڏهن ته هڪ سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. حادثي جي اطلاع تي ايمبولينس ۽ پوليس حادثي واري جڳهه رواني ٿي  وئي آهي. جڏهن ته حادثي کان پوءِ اپ ٽريڪ ٻين ٽرينن جي لاءِ معطل ٿي ويو آهي. ريسڪيو اختيارين موجب زخمين کي ويجهين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي. حادثي جو شڪار ٿيندڙ هزارا ايڪسپريس ۾ 1000 کان وڌيڪ مسافر بُڪ هئا، حادثو سرهاڙي اسٽيشن ويجهو پيش آيو. ريليف ٽرين ڪوٽڙي ۽ روهڙي کان حادثي طرف نڪري چڪيون آهن. پاڪستان ريلوي جي ترجمان موجب بريڪ دير سان لڳڻ سبب حادثي شدت اختيار ڪئي. متاثر ٽرين جون 8 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون آهن. حادثي جي نتيجي ۾ ڪراچي کان روانو ٿيندڙ ٽرينن ۾ دير جو امڪان آهي. ترجمان موجب نقصان جو اندازو هن وقت نٿو لڳائي سگهجي. ڪجهه ڪلاڪن ۾ مشينن جي مدد سان متاثر بوگين کي کنيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٽرين حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٽرين حادثي ۾ جاني نقصان تي ڏک پهتو آهي. هن ڊي سي نوابشاهه کي هدايت ڪئي آهي ته مسافر زخمين کي فوري طور تي طبي امداد ڏني وڃي.  ٽرين ۾ موجود مسافرن جو چوڻ آهي ته هزاره ايڪسپريس ۾ تمام گهڻا مسافر سوار هئا ۽ ٽرين حادثي سبب ويجهن اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ٽرين حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي پيپلز ميڊيڪل اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here