پشاور (م ڊ) باجوڙ ۽ لوئر دير سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ صبح سوير زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي جي شدت 5.4 هئي ۽ ان جي گهرائي 186 ڪلوميٽر هئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز هندوڪش علائقي ۾ هو. گذريل ڏينهن به لاهور، راولپنڊي ۽ پشاور سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. زلزلي مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.8 هئي، زلزلي جو مرڪز هندوڪش علائقي ۾ هو ۽ ان جي گهرائي 196 ڪلوميٽر هئي. رپورٽن مطابق زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.