واشنگٽن (م ڊ) امريڪي رسالي بلوم برگ پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ دعوى ڪئي آهي ته پاڪستاني حڪومت چونڊون نئين مردشماري جي نتيجن جي بنياد تي ڪرائڻ چاهي ٿي، ملڪ ۾ عام چونڊون ايندڙ سال تائين ملتوي ٿي سگھن ٿيون. آمريڪي رسالي موجب نئين مردمشماري موجب پاڪستان جي آبادي ۾ گذريل 6 سالن ۾ 16 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اليڪشن ڪميشن کي نوان ووٽر شامل ڪري تڪ بندين جون نيون لسٽون ٺاهڻيون پونديون. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد جو چوڻ آهي ته نئين تڪبندين جي ڪم سبب ايندڙ سال 15 فيبروري کان اڳ چونڊون ڪرائڻ ممڪن نظر نٿو اچي. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان ان معاملي تي فوري طور تي ڪوبه تبصرو ناهي ڪيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here