واشنگٽن (م ڊ) امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ ٻين سياستدانن خلاف ڪيس پاڪستان جو اندروني معاملو آهي. چيئرمين پي ٽي آءِ جي گرفتاري تي رد عمل ڏيندي امريڪي ترجمان جو چوڻ هو ته سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به جمهوري اصولن جي احترام ۽ قانون جي حڪمراني جو چوندا آهن. واضع رهي ته گذريل ڏينهن توشه خانه ڪيس ۾ اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ چيئرمين پي ٽي آءِ کي ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، عدالتي فيصلي کانپوءِ لاهور پوليس طرفان چيئرمين پي ٽي آءِ کي زمان پارڪ لاهور ۾ سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪري اٽڪ جيل منتقل ڪيو هو……..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here