لاهور ( م ڊ) توشا خانا ڪيس ۾ ٽي سال قيد جي سزا ملڻ کانپوءِ پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين کي زمان پارڪ مان گرفتار ڪري اٽڪ جيل منتقل ڪري ڇڏيو . ايس ايس پي سي آءِ اي ملڪ لياقت جي سربراهي ۾ پوليس جي ٽيم عمران خان کي گرفتار ڪيو، سندس عمران خان سان گڏ تصوير به سامهون آئي هئي.پي ٽي آءِ چيئرمين کي موٽروي رستي لاهور کان اسلام آباد سخت سيڪيورٽي ۾ منتقل ڪيو ويو . پوليس جي ٽيم کيس اڊيالا روڊ تان اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن جي ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين جو طبي معائنو ڪيو. ميڊيڪل کانپوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻو هو پر سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي کيس اٽڪ جيل منتقل ڪري هاءِ سيڪيورٽي زون واري لاڪ اَپ ۾ رکيو ويو آهي. واضح رهي ته ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج همايون دلاور توشا خانا ڪارروائي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي ٽي سال قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي.