ڪيليفورنيا (م ڊ) مائڪرو سافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس جي ڪووڊ کان وٺي هٿرادو ذهانت ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان اڳڪٿيون اڄ ڪالهه گھڻيون مقبوليت حاصل ڪري رهيون آهن. هاڻ دنيا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ بل گيٽس هڪ ٻي خطرناڪ اڳڪٿي ڪئي آهي جنهن ۾ هن هڪ اهڙي نظام جي نشاندهي ڪئي آهي جيڪو دنيا جي لکين ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائي ويندو. بل گيٽس چوي ٿو ته مستقبل ۾ هٿرادو ذهانت روز مرهه جي زندگي ۾ شامل ٿيندي ۽ پنهنجي گذريل بيانن ۾ هو ان معاملي تي ڳالهائي به چڪو آهي ته ڪيئن اي آءِ ٽيڪنالوجي ليبر مارڪيٽ کي متاثر ڪندي پر پنهنجي تازي بيان ۾ هن ٻڌايو آهي ته ڪيئن حڪومتون ان ٽيڪنالوجي کي غلط ڪمن لاءِ استعمال ڪري سگھن ٿيون. بل گيٽس شديد خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اي آءِ ٽيڪنالوجي 1945ع ۾ ٻين عظيم جنگ دوران هيروشيما ۽ ناگاساڪي جهڙي تباهي جو سبب بڻجي سگھي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته ان ڳالهه جو به خطرو آهي ته هٿرادو ذهانت کي هٿيارن جي تياري ۽ ڊزائين سوڌو ٻين ملڪن جي خلاف سائبر حملن لاءِ به استعمال ڪري سگھجي ٿو. هن اهو به چيو ته ان ڳالهه جا به امڪان آهن ته مستقبل ۾ هڪ ملڪ هٿرادو ذهانت جي مدد سان جوهري هٿيارن جو نظام تيار ڪري رهيو هجي.سندس چوڻ هو ته هر ملڪ جي ڪوشش هوندي آهي ته ان وٽ پنهنجن مخالفن جي حملن کي روڪڻ جي طاقت هجي ۽ اها ئي شيءِ خطرناڪ سائبر هٿيارن جي ريس وڌائڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي. دنيا جي امير ترين شخص خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اي آءِ ٽيڪنالوجي ذريعي جديد ۽ سائبر هٿيارن ۽ سسٽم جي تياري جو سلسلو جاري رهيو ته لکين انساني حياتين جو زيان ٿيندو ۽ گھڻيون حياتيون خطري ۾ پئجي وينديون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here