اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي معيشيت مضبوط ٿي رهي آهي، وزيراعظم ۽ ناڻي واري وفاقي وزير وڏي محنت سان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو،  تحريڪ انصاف حڪومت سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو،  فلم انڊسٽري لاءِ سبسڊي ڏني وئي آهي، ريڊيو پاڪستان ۽ سرڪاري ٽي وي جي زمين تي سئنيمائون قائم ڪيون پيون وڃن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته محمد نواز شريف پاڪستان ڪلچر پاليسي جي شروعات ڪئي هئي، فلم انڊسٽري کي سبسڊي ڏني پئي وڃي، سندن ثقافت ۽ ورثو انتهائي اهميت جوڳو آهي.  سندس چوڻ هو ته سرٽيفڪيٽ بورڊ ٺاهيو ويو آهي، پي ٽي وي فلم ڊويزن جو قيام به شامل آهي، ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو ويو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ريڊيو پاڪستان ۽ سرڪاري ٽي وي جي زمين تي سئنيمائون قائم ڪيون پيون وڃن، 4 ارب رپيا ريڊيو جي ميڊيم وويو ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته  تحريڪ انصاف حڪومت جي قدمن سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، مسلم ليگ نون جي گذريل حڪومت ۾ مهانگائي گهٽ ۽ ترقي جي شرح 6 ڏهائي هڪ سيڪڙو هئي، وزيراعظم ۽ ناڻي واري وفاقي وزير وڏي محنت سان آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ملڪي معيشيت مضبوط ٿي رهي آهي، صحافين ۽ فنڪارن کي هيلٿ انشورنس جي ڏيڻ جي شروعات ڪئي وئي آهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here