اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪمشير جي استحصال جو ڏهاڙو والاريل وادي ۾ ڀارتي غيرقانوني قدمن کي ياد ڪرڻ جو  ڏينهن آهي، ڀارت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ٻن حصن ۾ ورهايو، ڀارت عالمي سطح تي مڃيل تڪراري حيثيت کي تبديل ڪيو، ڀارت ڪشميرين کان حق آزادي جو حق کسڻ لاءِ کين يونين ٽيريٽريز جو نالو ڏنو. ڪشمير جي استحصال واري ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارتي قدمن آبادياتي تبديلي ۽ سياسي انجنيئرنگ جو عمل شروع ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڪشميري عوام کي پنهنجي ڌرتي تي هڪ بي اختيار اقليت بڻجڻ جو خطرو سامهون آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو نئون دور شروع ڪيو، ميڊيا کي دٻائڻ ۽ ڪشميري قيادت کي خاموش ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، ڀارتي اختيارين ناليواري ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ لاءِ موت جي سزا جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سميت پاڙيسري ملڪ سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو، ڏکڻ ايشيا ۾ جٽادار امن والاريل ڪشمير مسئلو حل ٿيڻ تي آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عالمي برادري ڪشمير ۾ ڀارت جي هڪ طرفي انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here