اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف توشه خانه ڪيس ۾ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کي اعليٰ عدالت ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ترجمان پي ٽي آءِ موجب توشه خانه ڪيس ذريعي عدل جي نظام تي ڪارو داغ لڳايو ويو آهي، تاريخ جي بدترين ٽرائل ۾ انصاف جي قتل جي ڪوشش ڪئي وئي. ترجمان موجب سيشن عدالت جو فيصلو سياسي انتقام، انجنيئرنگ جو بدترين مثال آهي. سيشن جج اسلام آباد همايون دلاور توشه خان ڪيس ۾ حقيقتون لڪائڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ۽ عدالت عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو. عدالتي حڪم بعد پوليس عمران خان کي لاهور ۾ سندس رهائشگاهه زمان پارڪ مان گرفتار ڪري ورتو آهي