اسلام آباد ( م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير مودي هٿان يرغمال آهي، آزادي ڪشميري عوام جو بنيادي ۽ جمهوري حق آهي، ڀارت پاران گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل نه ڪرڻ گڏيل قومن جي توهين آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دنيا ۾ مودي کي ڪاسائي طور متعارف ڪرايو آهي، والاريل ڪشمير کي ڀارت کان آزادي پيپلز پارٽي جو منشور آهي. والاريل ڪشمير جي استحصال واري ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته والاريل ڪشمير مودي هٿان يرغمال آهي، آزادي ڪشميري عوام جو بنيادي ۽ جمهوري حق آهي.سندس چوڻ هو ته ڀارت پاران گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل نه ڪرڻ گڏيل قومن جي توهين آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دنيا ۾ مودي کي ڪاسائي طور متعارف ڪرايو آهي، والاريل ڪشمير کي ڀارت کان آزادي پيپلز پارٽي جو منشور آهي.