سيالڪوٽ (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت ۾ مسلمانن سان ظلم ۽ ڏاڍ جي داستان رقم ڪئي پئي وڃي، مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن ۾ ڪشمير پهرين نمبر تي آهي، ڪشمير کي ڪيل جيان پيش ڪيو پيو وڃي، ڪشمير لاءِ پاڪستان ڪردار ادا ڪري رهي آهي. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڪشمير ۾ امن کانسواءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ نٿي ٿي سگهي، ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ ڪنهن به وقت خطي ۾ تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته عالمي طاقتن جو ڌيان ڪشمير به هئڻ گهرجي، عالمي طاقتن کي خاص طور تي اولهه ملڪن کي يوڪرين جو مسئلو نظر اچي رهيو آهي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته يوڪرين مسئلو پنهنجي جاءِ تي آهي، ڪشمير، فلسطين، برما ۽ ڀارت جي مسلمانن تي ظلم تي عالمي طاقتن جو ضمير خاموش آهي. هن چيو ته 75 ورهين کان ڪشمير جو مسئلو عالمي طاقتن کي نظر نه اچي رهيو آهي، فلسطين جي مسئلي تي به سندن ڌيان ناهي، فليس پوائنٽ آهي جنهن تي ڪنهن به وقت عالمي امن تباهه ٿي سگهي ٿو. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين تي ظلم سان ڪجهه مسلمان ملڪن طرفان آواز اٿاريو پيو وڃي، ٻيون طاقتون ان تي خاموش آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here