پڊعيدن (رپورٽر) پڊعيدن ڀرسان علامه اقبال ايڪسپريس جون ٻه بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون. ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي کان سيالڪوٽ ويندڙ علامه اقبال ايڪسپريس جون ٻه بوگيون پٽريءَ تان لهي ويون جنهن سبب اپ ٽريڪ بند ٿي ويو جڏهن ته ٽرينن کي ڊائون ٽريڪ تان گذاريو پيو وڃي. ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته حادثي سبب سمورا مسافر محفوظ آهن. ڊي ايس ريلوي جو چوڻ آهي ته رليف ٽرين روهڙي کان پڊعيدن پهچي وئي آهي، مرمتي ڪم جاري آهي، جلد ٽريڪ بحال ڪيو ويندو…………..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here