راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته نوجوان قوم جو روشن مستقبل آهن، ڌيان، لڳاءُ ۽ محبت سان پاڪستان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري سگهي ٿو،  پاڪ فوج نوجوانن کي تعليم ۽ راندين ۾ مڪمل سهڪار فراهم ڪندي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ورلڊ جونيئر اسڪواش چيمپئن  محمد حمزا خان جي ايڇ  ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. آرمي چيف، نوجوان چيمپئن کي ملڪ لاءِ وڏو اعزاز حاصل ڪرڻ تي واڌايون ڏنيو ۽ چيو ته محمد حمزا خان جهڙن نوجوانن تي قوم کي فخر آهي.هن چيو ته پاڪ فوج  ملڪ ۾ نوجوان ٽيلنٽ کي اڳتي آڻڻ ۾ مدد ڪندي رهندي ۽ کين تعليم حاصل ڪرن توڙي راندين ۾ مڪمل فراهم ڪيو ويندو. آرمي چيف جنرل عاصم منير زور ڀريو ته نوجوان ملڪ جو روشن مستقبل آهن، ڌيان، لڳاءُ ۽ محبت سان پاڪستان وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري سگهي ٿو….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here