اسلام آباد (م ڊ) ڀارت طرفان والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت تبديل ڪرڻ کي 4 سال مڪمل ٿي ويا آهن، اڄ ڪشمير جي استحصال جو ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. ڪشمير جي استحصال جو ڏهاڙي جي موقعي تي اڄ صبح نائين وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي.ڪشمير جي استحصال جي ڏهاڙي تي ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلمن خلاف عوامي ميڙاڪا، ريليون، واڪ، سيمينار، تصويري نمائش ۽ ٻيا آگاهي پروگرام رٿيل آهي. ڀارتي قابض فوج جي ظلمن جي حوالي سان دنيا کي آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ سمورن وڏن شهرن ۾ ڊجيٽل اسڪرينون لڳائي ڪري هندستان پاران ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جون ڊاڪيومينٽريز ڏيکاريون وينديون…..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here