اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي اڄ طلب ڪري ورتو آهي. اسلام آباد پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين کي ترنول، ڪوهسار، ڪراچي ڪمپني ٿاڻي جي ڪيسن ۾ طلب ڪيو آهي. پوليس طرفان زمان پارڪ لاهور ۾ طلبي جا نوٽيس موڪليا ويا آهن. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اوهان کي اڳ به طلب ڪيو ويو پر پيش نه ٿيا، جيڪڏهن ڪو ثبوت ڏيڻو آهي ته پيش ڪريو، پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪارروائي ڪئي ويندي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here