پڊعيدن(رپورٽر) پڊعيدن ڀرسان علامه اقبال ايڪسپريس جون ٻه بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون. ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي کان سيالڪوٽ ويندڙ علامه اقبال ايڪسپريس جون ٻه بوگيون پٽريءَ تان لهي ويو جنهن سبب اپ ٽريڪ بند ٿي ويو. ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ ڪوبه جاني نقصان ناهي ٿيو. ڊي ايس ريلوي جو چوڻ آهي ته رليف ٽرين حادثي واري هنڌ رواني ڪئي وئي آهي جنهن جي پهچڻ ۾ ٻه ڪلاڪ لڳي ويندا. ڊي ايس ريلوي موجب، ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ٻين ٽرينن کي مختلف اسٽيشنن تي بيهاريو ويو آهي……..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here