ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ پ پ مخالف پارٽين عام چونڊن ۾ گڏجي مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪندي صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي هٽائڻ ۽ نئين آدمشماري تحت تڪبنديون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي 15 ورهين کان سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سڀني جي گڏ ٿيڻ سان ئي ڪاميابي ملندي. ڪراچيءَ ۾ جي يو آءِ جي ميزباني هيٺ پ پ مخالف پارٽين جو ڪٺ ٿيو. مولانا راشد محمود سومري جي صدارت هيٺ ٿيل ڪٺ ۾ ن ليگ، پي ٽي آءِ، جي ڊي اي، جماعت اسلامي ۽ قومپرست پاٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اڳوڻو وڏو وزير لياقت جتوئي، غوث علي شاهه، امير بخش ڀٽو، ڊاڪٽر صفدر عباسي، ناهيد خان، علي گوهر مهر، سردار رحيم، عرفان الله مروت، محمد حسين محنتي، کيئل داس ڪوهستاني، معظم عباسي، حسنين مرزا، غلام مرتضيٰ جتوئي، عارف مصطفيٰ جتوئي، الله بخش انڙ، آغا تيمور پٺاڻ، صنعان قريشي، اياز لطيف پليجو، رياض چانڊيو ۽ ٻيا اڳواڻ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيا. پ پ مخالف گڏجاڻي ايم پي اي راجا خان مهر، پ پ اڳواڻ محمد خان جوڻيجي پڻ شرڪت ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي 15 ورهين ۾ سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ٻيٽ، جبل ۽ ٻيا وسيلا وڪرو ڪيا پيا وڃن. هنن چيو ته بيداري مارچ ذريعي عوام کي پ پ جو متبادل ڏيکارڻ جي ضرورت آهي، سڀني جي گڏ ٿيڻ سان ئي ڪاميابي ملندي.سندن چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ، ڀاڻ ۽ ٻوڏ سميت ٻين معاملن تي ڪنهن به ڪردار ادا نه ڪيو، انهن معاملن تي تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي. اڳواڻن چيو ته کين نگران وڏي وزير لاءِ نالا ڏيڻ گهرجن، ڀلي قبول نه ڪيا وڃن پر ميدان خالي نه ڇڏڻ گهرجي. پ پ مخالف ڪٺ دوران سنڌ ۾ پ پ مخالف پارٽين عام چونڊن ۾ گڏجي مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي هٽائي نئين آدمشماري تحت تڪبنديون ڪرايون وڃن….