ڪراچي (شوبز نيوز ) اداڪارا ياسرا رضوي پاڻ کان 10 سال ننڍي عمر جي مڙس ۽ پروڊيوسر عبدالھادي سان شادي متعلق سوالن جا جواب ڏنا آھن، سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪارا ياسرا رضوي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي، جنھن جي وڊيو وائرل ٿي آھي، ھن پاڻ کان 10 سال ننڍي عمر جي شخص سان شادي متعلق سوال تي جواب ڏنو، ھن چيو تھ منھنجو مڙس تمام سٺو دوست آھي، اسان زندگي جي ھڪ اھڙي مقام تي ملياسين جڏھن ھادي ايبٽ آباد مان نئون نئون آيو ھو، ھُن جي ڀيڻ منھنجي سٺي دوست آھي، اسان جا گھر ويجھا ھئا، اسان جي پھرين ملاقات بھ اُتي ٿي ھئي، ھن چيو تھ ھادي بطور دوست منھنجي زندگي جي مشڪل مرحلن ۾ منھنجو ساٿ ڏنو، منھنجي زندگي جو عقلمنداڻو فيصلو ھو تھ مون شادي لاءِ دوست کي ترجيح ڏني، مون کي سوشل ميڊيا تي نامناسب لفظن سان پڪاريو ويو. ياسرا رضوي چيو تھ شاديون تھ احساس تي ھلنديون آھن، ھن چيو تھ جن تنقيد ڪئي انھن کي چوان ٿي تھ ڪاش اھڙن ماڻھن کي شعور ھجي، عالمي سطح تي اسان ھر شئي کي جسم، عمر ۽ وضع قطع تائين محدو ڪري ڇڏيو آھي، جيڪا افسوس جي ڳالھ آھي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here