ملير( رپورٽ: ڪاشف پٺاڻ) ملير ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ناانصافين خلاف مختلف علائقن جا رهواسي رستن تي نڪري آيا، ڊپٽي ميئر جي گهر ڀرسان ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ، سوين گاڏيون بيهجي ويون گذريل ڏينهن ملير جي گلشن قادري ۽ ٻين علائقن جي رهواسين ڪي اليڪٽرڪ جي ناانصافين ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ڊپٽي ميئر سلمان مراد جي رهائش گاهه ويجهو قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي صبح سوير قومي شاهراهه تي ڌرڻي سبب سنڌ هاءِ ڪورٽ ايئرپورٽ ملير ڪورٽ سنڌ سيڪريٽريٽ سميت سرڪاري ۽ نجي ادارن ڏانهن ڊيوٽين تي ويندڙ شهري ڦاسي پيا احتجاج ڪندڙن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي بجلي بند آهي پاڻي بند آهي ڪو ٻڌڻ وارو ئي ڪونهي مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهيون شهرين چيو ته ڪي اليڪٽرڪ انهن علائقن م اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي جتي پ پ جا ووٽر رهن ٿا هنن ڊپٽي ميئر سلمان مراد ۽ ٻين وس وارن کان مسئلي جي حل جي گهر ڪئي.