پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ پي ٽي آءِ سان چونڊ اتحاد جي خواهش يا امڪان جي خبرن کي ڪوڙ قرار ڏئي ڇڏيو. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي پرويز خٽڪ چيو ته هاڻي پي ٽي آءِ هوندي ۽ اها پي ٽي آءِ پارليامينٽرينز هوندي.هن چيو ته پي ٽي آءِ سان اتحاد جي خواهش يا امڪان جون خبرون سراسر ڪوڙ آهن، پي ٽي آءِ اليڪشن ۾ نه هوندي ئي نه ته ايندي ته پوءِ ان سان چونڊ اتحاد جو ڪيئن سوچي سگهون ٿا؟. واضع رهي ته گذريل ڏينهن تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز جي ترجمان ضياءُ الله بنگلاڻي چيو ته هو عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ عام چونڊن لاءِ 19 آگسٽ کان عوامي رابطا مهم شروع ڪندا.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here