وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته 9 آگسٽ تي اسيمبلي ٽوڙي ويندي، نگران وزيراعظم لاءِ صلاح مشورا اڄ ٿيندا، ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ صلاح مشورا مڪمل ڪيا ويندا. وزيراعظم طرفان اتحادين جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ عام چونڊن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس دوران وزيراعظم، اتحادين کي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ 9 آگسٽ جي تاريخ ڏني آهي.سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي توڙڻ جي سمري 9 آگسٽ تي صدر ڏانهن موڪلي ويندي، نگران وزيراعظم لاءِ صلاح مشورا سڀاڻي ٿيندا، ايندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ صلاح مشورا مڪمل ڪيا ويندا.موجوده اسيمبلي جو مدو ٻارهن آگسٽ تي رات ٻارهين وڳي ختم ٿيندي.اليڪشن ڪميشن موجب ٻارهن آگسٽ تي اسيمبلي ٽٽي ته 11 آڪٽوبر تي اليڪشن ڪرائي ويندي………