اسلام آباد (م ڊ) مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته سعودي عرب پاڪستان ۾ 24 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اشارو ڏنو آهي. خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته زراعت، آءِ ٽي ۽ توانائي جي ٽن شعبن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. ياد رهي ته تازو ئي سعودي عرب جي نائب وزير خالد بن صالح المدفر پاڪستان سان مضبوط ۽ مستحڪم لاڳاپن جي عزم کي ورجايو آهي. سندس چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 24 ڪروڙ باصلاحيت ماڻهو آهن، هو پاڪ سعودي عرب لاڳاپا وڌائڻ آيا آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here