اسلام آباد پوليس پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي پنجن ڪيسن ۾ اڄ طلب ڪري ورتو. چيئرمين پي ٽي آءِ کي ترنول ۽ ڪراچي ڪمپني ٿاڻن تي داخل 2-2 ۽ ڪوهسار ٿاڻي تي داخل هڪ ڪيس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين کي 4 آگسٽ تي منجهند ٽئين وڳي جي آءِ ٽي ڪمپليڪس ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته پهريان به نوٽيس ذريعي چار ڀيرا طلب ڪيو ويو پر پيش نه ٿيا.اسلام آباد پوليس طرفان جاري نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته هو جاچ ۾ شامل ٿي ڪري پنهنجو موقف پيش ڪريو ۽ ڪيسن بابت ثبوت به فراهم ڪيو………

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here