حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ناليواري واپاري جي گهر مان لکين رپين جي چوريءَ ٿي آهي، پوليس متاثر واپاري کان تفصيل وٺي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. اڻڄاتل چور ميمڻ سوسائٽي ۾ عبدالوهاب نالي واپاري جي گهر مان ڪيترائي تولا سون، لکين رپيا روڪ ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا. متاثر واپاري جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڪٽنب سميت ڌيءَ جي گهر ويل هو ته پويان چوري جو واقعو پيش آيو آهي. متاثر واپاري موجب، سندس گهر جو دورازو اندر کان بند ۽ دري ڀڳل هئي، چوري الماڙي ۽ ٻين هنڌ تي پيل روڪ رقم ۽ سون چوري ڪري ويا آهن. ٻئي پاسي حد جي پوليس پوليس واقعي هنڌ پهچي تفصيل وٺڻ کانپوءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سامان واپس ڪرايو ويندو………..