ڳڙهي حسن (رپورٽر) ڳڙهي حسن ڀرسان 10 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل پوليس اهلڪار ۽ سندس سالو بازياب ٿي ويا آهن، ڪنڌڪوٽ پوليس پاران مقابلي بعد مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعوى ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي واري علائقي ۾ مقابلي کانپوءِ شير محمد لاشاري ۽ عبدالوحيد کي بازياب ڪرايو آهي. ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوي راڄوڻي ڪوششن ذريعي ڀنگ ڀري بازياب ٿيا آھن….