اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ ملڪي ميڊيا هائوسز سان واڳيل صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز ۽ فلم انڊسٽري سان واڳيل فنڪارن ۽ فني ڪارڪنن جي لاءِ صحت انشورنس ڪارڊ جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان منصوبي تحت سمورن ميمبرن کي صحت بابت هنگامي خرچن جي لاءِ ساليانو 15 لک رپين جي صحت انشورنس مهيا ڪئي ويندي