اسلام آباد( مانيٽرنگ ڊيسڪ)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل دور ۾ هڪ نلڪو هڻي ان جي تشهير ڪئي ويندي رهي، اڳوڻي حڪومت ملڪ کي معاشي بدحالي جو شڪار ڪيو، اڄ بالٽي، دٻي ۽ ڪنستر هڻي عدالت پيش ٿيندڙ عوام سان اکيون نه ٿو ملائي سگهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف 15 مهينن جي مختصر عرصي ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو، معاشي بدحالي کي معاشي استحڪام ۾ بدلايو، بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبو ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان ڪليات، ڪشمير ۽ مريءَ جا ماڻهو وزيراعظم کي سڄي عمر دعائون ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، حنيف عباسي، طارق فضل چوڌري، سي ڊي اي چيئرمين سميت ٻيا موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ اسان ملڪ ۾ ترقي جو سفر ڇڏي ويا هئاسين، ملڪي معيشت 6.3 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي هئي ۽ جڏهن هاڻي 2022ع ۾ ٻيهر اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار ٿي چڪو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here