ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبدالهيان ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير اڄ پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندو، وسيع ايجنڊا ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ اڀرندڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.ايراني پرڏيهي وزير الهيان وزيراعظم شهباز شريف سان به ملاقات ڪندو، ايراني پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي قيادت وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق راءِ جو اظهار ڪندو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ايراني پرڏيهي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ جي چيئرمين سان به ملاقات ڪندو،جنهن دوران پارلياماني لاڳاپن تي ڳالهيون ٿينديون.ايراني پرڏيهي وزير عبدالهيان جو دورو ٻنهي طرفن لاءِ هڪ موقعو هوندو جنهن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي سمورن رخن خاص طور تي علائقائي لاڳاپن، توانائي ۽ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي…..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here