اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سوئيڊن جي پرڏيهي وزير ٽوبياس بلسٽروم پاڪستاني هم منصب بلاول ڀٽو زرداري سان فون تي رابطو ڪيو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته سوئيڊن جي هم منصب کيس فون ڪيو جنهن دوران هن سوئيڊن ۽ ٻين ملڪن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن سوئيڊش هم منصب تي زور ڀريو ته اظهارِ راءِ جي آزادي جي اوٽ ۾ اهڙي قسم جي واقعن جي اجازت نه ڏني وڃي.بلاول ڀٽو زرداري موجب، سوئيڊش پرڏيهي وزير چيو ته سندن حڪومت هر قسم جي اسلامو فوبيا تي ٻڌل واقعن کي سختيءَ سان رد ڪري ٿي. واضع رهي ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪئي وئي هئي جنهن تي سڄي دنيا جي مسلمان ملڪن طرفا سخت احتجاج ڪيو ويو آهي….

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here