ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گهر اندر زهريلي گئس ڀرجڻ سبب ڀاءُ ۽ ڀيڻ فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻن ڀينرن کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. سلطان آباد واري علائقي ۾ بلال مسجد ويجهو گهر اندر زهريلي گئس ڀرڻ سبب 12 ورهين جي عشاءَ ڌيءُ زر محمد ۽ سندس 9 ورهين جو ڀاءُ فرحان فوت ٿي ويا. گهر اندر زهريلي گئس ڀرجڻ سبب 11 ورهين جي علينه ڌيءُ زر محمد ۽ 14 ورهين جي نمرا ڌيءُ زر محمد بيهوش ٿي ويون، علائقي واسين لاش ۽ بيهوش ٿيل ٻنهي ڀيرن کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته گهر اندر زهريلي گئس ڀرجڻ سبب ڀاءُ ۽ ڀيڻ فوت ٿي ويا ۽ ٻن ڀينرن کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…..