اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڌسماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پيمرا بل قومي اسيمبلي مان پاس ٿي ويو اهي مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن تي ميڊيا کي پنهنجون ذميواريون نڀائڻيون پونديون بل جي حمايت تي مڙني ميڊيا ورڪرز جو شڪريو ادا ڪريان ٿي 12 مهيني بل تي لاڳيتو صلاح مشورا ڪيا ويا ميڊيا هائوسز ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار حڪومت جي مقرر ڪيل پگهار جي مطابق هوندي 5 سالن کان پوءِ طلال چوڌري، دانيال عزيز جي نااهلي ختم ٿي ڏکئي وقت ۾ طلال چوڌري دانيال عزيز قيادت سان ڄمي بيٺا رهيا مسلم ليگ وارا ڀڄڻ وارا نه آهن نوازشريف کي سڄي ڄمار لاءِ نااهل ڪري سي پيڪ ۽ پاڪستان جي ترقي کي روڪيو ويو نواز شريف کي هتائڻ جو مقصد پي ٽي آئي چيئرمين کي مڙهڻ هو جن ماڻهن نوازشريف کي ڪوڙي سزا ڏني اڄ منهن ڏيکارڻ جهڙا ناهن صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته بل ۾ پبلڪ سروس جو دائرو وڌايو ويو آهي وفاقي وزير چيو ته 2018 ۾ پي ٽي آئي چيئرمين کي مڙي ترقي جو سفر روڪيو ويو مسلم ليگ (ن) جا ڪارڪن ۽ اسيمبلي ميمبر سان گڏ بيٺا آهن هن چيو ته گذريل 15 مهينن ۾ شهبازشريف اتحادين سان گڏجي ملڪ کي بحران مان ڪڍيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here