اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان جي توشه خانه ڪيس ۾ فوري ٽرائل روڪڻ جي اپيل رد ڪندي آفيسرن کي 4 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو سپريم ڪورٽ پي ٽي آئي چيئرمين جي توشه خانه ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 27 جولاءِ جي فيصلي جي خلاف داخل اپيل تي جسٽس يحيٰ آفريدي جي سربراهي ۾ قائم ٽه رڪني خاص بئنچ ٻڌڻي ڪئي جڏهن ته جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس مسرت هلالي به بئنچ جوحصو آهن ٻڌڻي دوران پي ٽي آئي چيئرمين جو وڪيل خواجه حارث دليلن لاءِ روسٽرم تي آيو جسٽس يحيٰ آفريدي پڇاڻو ڪيوت ه جيڪو رليف اوهان گهريو اسان ڏئي ڇڏيو هو تعجب آهي اوهان پوءِ به سپريم ڪورٽ ويا جسٽس يحيٰ آفريدي پڇاڻو ڪيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ڪيس هاڻي ڪيستائين مقرر آهي جنهن تي وڪيل خواجه حارث چيو ته ڪيس اڄ خميس تي هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌني لاءِ مقرر آهي پر اصل سوال دائره اختيار جو آهي جسٽس يحيٰ آفريدي پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي درخوست بي اثر ٿي چڪي هئي پوءِ به اسان ٻڌو ۽ آرڊر ڏنو اسان صورتحالکي سمجهي رهيا آهيون اسان سمجهيو هو ته هاءِ ڪورٽ اوهان کي بهتر آرڊر ڏيندي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته اسان حڪم نامي ۾ لکيو هو ته هاءِ ڪورٽ درخوستن کي گڏ ٻڌي ٿي سگهي ٿو جيڪو رليف اوهان گهري رهيا آهيو اهو هاءِ ڪورٽ فيصلو ڪري ڇڏي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته پهريان هاءِ ڪورٽ کي فيصلو ڪرڻ ڏيو جنهن تي عمران خان جي وڪيل خواجه حارث چيوت ه هاءِ ڪورٽ منع نامو ناهي ڏنو ان لاءِ سپريم ڪورٽ آيا آهيون عدالت پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن سميت ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون سپريم ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ فوري ٽرائل روڪڻ جي اپيل رد ڪندي اليڪشن ڪميشن کي 4 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here