چنائي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان هاڪي ٽيم چنائي ۾ ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون.قومي ٽيم صبح جي سيشن ۾ سخت ٽريننگ ڪئي ۽ اڄ شام به فلد لائيٽس هيٺ پريڪٽس ڪئي . ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي سڀاڻي شروع ٿيندي ۽ پاڪستاني ٽيم به سڀاڻي ملائيشيا خلاف ميچ کيڏندي. پاڪستان هاڪي ٽيم 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ عرصي جي سفر کانپوءِ گذريل رات ڀارت جي شهر چنائي پهچي وئي. پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪوچ ريحان بٽ جيو نيوز کي ٻڌايو ته ٽريننگ جو هڪ ڏينهن آهي ۽ جيڪڏهن هو ان ۾ آرام ڪندا ته کين مشق جو موقعو نه ملندو.