اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مٿان 6 جنوري 2021 تي ڪيپيٽل هـِل حملي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. آمريڪي ميڊيا موجب 2020ع جي صدارتي چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جو ڪيس پنهنجي منطقي انجام تائين پهچڻ شروع ٿي ويو آهي. اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي 6 جنوري 2021 تي ڪيپيٽل هـِل تي حملي ڪيس ۾ عدالت فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. آمريڪي ميڊيا موجب فرد جرم ۾ ڊونلڊ ٽرمپ تي حڪومت ۾ مداخلت جي ڪوشش، آمريڪا کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ حقن جي ڀڃڪڙيءَ جي سازش جو به الزام لڳايو ويو آهي. ٻئي پاسي امريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فرد جرم 2024 جي صدارتي چونڊن ۾ مداخلت قرار ڏئي ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسپيشل ڪائونسل جيڪ سمٿ سندس مٿان ڪوڙو فرد جرم داخل ڪيو آهي جيڪا 2024 جي صدارتي چونڊن ۾ مداخلت آهي. واضع رهي ته امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي ٽيون ڀيرو فرد جرم لاڳو ڪئي وئي آهي………..

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here