نيويارڪ (شوبز نيوز) مشهور آمريڪي ڳائڻي ٽيلر سوئفٽ آمريڪا ۾ ميوزڪ ٽوئر دوران پنهنجي سامان جي محفوظ منتقلي لاءِ ٽرڪ ڊرائيورن کي 5 ملين ڊالر جو بونس ڏنو آهي. عالمي ميڊيا رپورٽن موجب امريڪي ڳائڻي آمريڪا ۾ پنهنجو ميوزڪ ٽور ختم ٿيڻ کانپوءِ ذميواري سان ڪم ڪرڻ تي لڳ ڀڳ 50 ٽرڪ ڊرائيورن کي 5 ملين ڊالر جو بونس ڏنو آهي. رپورٽن موجب ڳائڻي جو ملڪ گير دوري جو ڪاروبار هڪ ارب ڊالرن کان وڌيڪ هو، ٽرڪ ڊرائيورن کي بونس ڏيڻ کان علاوه گلوڪاره پنهنجي بينڊ جي ميمبرن، ڊانسرز، لائٽنگ اينڊ سائونڊ ٽيڪنيشن، ڪيٽررز ۽ ٻين اسٽاف کي پئسا ڏنا…..