سي پيڪ کي 10 ورهيه مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان توڙي چين ٻئي مرحلي جي شروعات جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ان حوالي سان پاڪستان ۽ چين ۾ ڪجهه معاهن جي يادداشت نامن تي صحيحون به ڪيو ويون آهن وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور منصوبي تي 10 سال پهريان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ صدر شي جن پنگ صحيحون ڪيون هيون، 10 سالن جي عرصي ۾ پاور، انفرا اسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ چين طرفان 25 ارب ڊالر جي سرمائيڪاري ڪئي وئي آهي، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سرمائيڪاري تي توجهه ڏني ويندي، ايندڙ وقت ۾ ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبو انتهائي اهميت وارا هوندا. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان ۾ 2022ع ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ ۽ پاڪستان کي درپيش موجوده معاشي چيلينجز خاص طور تي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جهڙن مشڪل وقتن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، چين ۽ پاڪستان جي لازوال دوستي جاري رهندي ۽ ان دوستيءَ ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته توانائي بحران ختم ڪرڻ ۾ سي پيڪ اهم ڪردار ادا ڪيو، اڄ ٻنهي ملڪن لاءِ يادگار ڏينهن آهي، سي پيڪ جو ٻيو مرحلو نئين ماڊل تحت اڳتي وڌائينداسين، چين جي نائب وزيراعظم هي لي فنگ پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري، دوستي ۽ ڀائپي تي ٻڌل تعلقات کي اجاگر ڪيو، پاڪستان جي معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۾ چين جي مستقل تعاون جو يقين ڏياريو، چيني نائب وزيراعظم چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي دوستي جي نئين دور جي شروعات آهي، پاڪ چين دوستي هماليه کان به بلند ۽ سمنڊ کان به گهري آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي دوستاڻا لاڳاپا آهن، سي پيڪ جي 10 سالن جي تقريب ۾ شرڪت تي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، هوڏانهن چيني نائب وزيراعظم هي لي فنگ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي جي پاڪستان ۽ چين جي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مرڪزيت تي زور ڏنو، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي جي 10 ساله سالگرهه ان منصوبي کي نئين سر توسيع ڏيڻ جو هڪ سنهري موقعو آهي، ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان کي چين جي زرعي امپورٽ وڌائڻ ۾ دلچسپي کان آگاهه ڪيو، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين وچ ۾ زرعي، صنعتي ۽ مواصلات سميت ٻين شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون، ٻنهي اڳواڻن علائقائي مسئلن ۽ پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ تي هڪ ٻئي جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو، سي پيڪ جي پهرئين مرحلي سان به ڪو عوام کي خاص فائدو ناهي ٿيو ٻئي مرحلي لاءِ حڪومت کي ڳالهيون نه عملي قدم کڻڻ گهرجن.