لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف چيو آهي ته ملڪ کي گذريل حڪومت اهڙي صورتحال تي پهچائي ڇڏيو آهي جو غريب عوام ٻن وقتن جي ماني لاءِ ترسي رهيو آهي. (ن) ليگ جي اڳواڻ ميان نوازشريف ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته 2017 جي ترقي ڪندڙ پاڪستان کي جبر ۽ ناانصافي جي فيصلن 2022 تائين اهڙي صورتحال تي پهچائي ڇڏيو جو غريب عوام ٻن وقتن جي ماني لاءِ ترسي ويو آهي. اسان کي ٻيهر موقعو مليو ته 2017 کان به بهترين پاليسي ٺاهينداسين. نوازشريف وڌيڪ چيو ته ڪوڙن ڪيسن، سزائن، نااهلين ۽ هر طرح جي ظلم کي مون ۽ منهنجي ساٿين نه صرف صبر سان برداشت ڪيو پر ناانصافي تي ٻڌل فيصلن جي سزا پاڪستان به ڀوڳي. هن وڌيڪ چيو ته طلال چوڌري کي توهين عدالت ۾ ناحق 5 سالن جي نااهلي جي سزا ثابت قدمي سان ڪاٽڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here