اسلام آباد (مانيترنگ ڊيسڪ) ملڪ ۾ پيٽرول 119 رُپيا 80 پئسا فِي لٽر ٿي ويو، حڪومت پيٽرول هڪ رُپيا 71 پئسا مهانگو ڪري ڇڏيو، گاسليٽ جي اگهن ۾ 35 پئسا واڌ، ڊيزل ۽ لائيٽ ڊيزل جا ساڳيا اگهه برقرار، حڪومت 16 جون کان هيل تائين 4 ڀيرا پيٽرول مهانگو ڪيو، عوام پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو، حڪومت پيٽرول کانپوءِ ايل پي جي به مهانگي ڪري ڇڏي، ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 112 رُپيا 50 پئسا مهانگو ٿي ويو، اوگرا جي نوٽيفڪيشن بعد 11.8 ڪلو جي سلينڊر جو اگهه 20 هزار رُپين کان وڌي ويو…..